SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Euoropean Court of Justice:ECJ

(click word to listen sound
  • 🔊
  • euoropean
  • kɔːt
  • ɔf
  • justice
  • ecj
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Euoropean Court of Justice:ECJ

يورپيئن ڪورٽ آف جسٽس

انصاف واري يورپي عدالت

يورپي يونين پنهنجن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جي حل لاءِ هيءَ عدالت قائم ڪئي، جنهن کي انهيءَ وقت يورپي يونين جي سپريم ڪورٽ جي حيثيت حاصل هئي، هي ادارو 1951ع ۾ ”يورپي برادري“ جي قائم ٿيڻ سان وجود ۾ آيو ۽ آهستي آهستي هن ڪورٽ جي قاعدن ۽ قانون جي دائري کي وڌايو ويو. هن ڪورٽ ۾ هر ميمبر ملڪ منجهان هڪ جج ڇهن سالن لاءِ کنيو ويندو آهي، جنهن جو مدو سندس ڪارڪردگيءَ مطابق وڌائي سگهجي ٿو. جج کي چونڊڻ جو طريقو تمام سخت آهي. هن عدالت لاءِ ميمبر ملڪن جي اهڙي جج کي چونڊيو وڃي ٿو، جنهن ڪڏهن به سياسي ياڪنهن ٻئي دٻاءُ هيٺ اچي فيصلا نه ڪيا هجن ۽ مختلف قانوني معاملن تي کيس مڪمل عبور حاصل هجي. عدالت ۾ عام طرح سان انگريزي ۽ فرينچ ٻوليون استعمال ٿين ٿيون، پر ضرورت پوڻ تي ڪو به ڪيس ميمبر ملڪن جي ٻولين ۾ پڻ هلائڻ جي اجازت آهي. ان کي ميمبر مُلڪن جي ادارن جي وچ ۾ ٿيل ڪنهن به معاهدي يا ضابطي کي ختم ڪرڻ، يورپي يونين جي پارليامينٽ، وزيرن ۽ ڪنهن به يورپي اداري جي خراب يا ڪمزور فيصلن تي اعتراض ڪرڻ ۽ يونين طرفان ميمبر ملڪن جي اندروني معاملن ۾ غيرضروري مداخلت کي روڪڻ جا اختيار حاصل آهن، ECJ جي قائم ٿيڻ سان يورپين يونين کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي. ECJ جي مدد سان يونين جون قانوني پيچيدگيون ختم ٿي وڃن ٿيون، جنهن سان هر ميمبر ملڪ کي هڪ جيترو فائدو پهچي ٿو.


Remember Me Also:

اڌائڻ

مصدر ”اُڌڻ“ مان متعدي بالواسطه. [سن. اُد ، ڌا = مٿي وڃڻ يا چڙهڻ سج يا غبار دَز وغيره] ڪنهن شيءِ کي ڇنڊي صاف ڪرڻ ، مِٽي ڪڍڻ. وائر ڪرڻ ان جي ، وائري صاف ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal